سولنگي فاروق

سولنگي فاروق

فاروق سولنگي

فاروق سولنگي: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ ڊراما نگار فاروق سولنگيءَ، 10 نومبر 1947ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو هو. هن پرائمري تعليم پرائمري مين اسڪول دادوءَ مان، سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول دادوءَ مان ڪئي. بي. اي، استاد بخاري ڪاليج دادوءَ مـان ڪيـائيـن. هن 1971ع ۾ سـنڌ يونيـورسـٽي ڄام شـوري مـان ايم. اي سوشالاجيءَ ۾ ڪئي ۽ سنڌ سرڪار جي سوشل ويلفيئر کاتي ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر مقرر ٿيو. فاروق سولنگيءَ لکڻ جي شروعات 1974ع کان ڪئي. خان ملڪاڻي'>احمد خان ملڪاڻي، محمد بخش سميجي ۽ سليم سولنگيءَ جي ساٿ ۾ هن ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ شعر لکيا ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ پيش ڪيا. ترت سرڪاري نوڪري ڇڏي احمد خان ملڪاڻيءَ سان گڏ ٺيڪيداريءَ جو ڪم شروع ڪيائين، پر سندس حساس طبيعت اتي گهڻو وقت کيس هلڻ نه ڏنو، جنهنڪري ڪافي مالي نقصان برداشت ڪري حيدرآباد لڏي آيو. اتي اچي ڪاروبار شروع ڪيائين. فاروق سولنگيءَ پهرين ڪهاڻي سهڻي رسالي ۾ شايع ٿي، جنهن کان پوءِ 1980ع تائين هن مسلسل ڪهاڻيون لکي مقبوليت حاصل ڪئي. پاڪستان ٽيليويزن سميت مختلف خانگي ٽي. وي چئنلن تي سندس ڪيترائي ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيا، پي. ٽي. وي تان ’گامون سچار‘ ڊرامي جون 26 قسطون ٽيليڪاسٽ ٿيڻ کان پوءِ سندس شهرت ۾ ڪافي اضافو ٿيو. هن اردو ڊراما به لکيا، اردو ڊراما سيريل ’بيچاره‘ جون 12 ۽ ’دنيا ديواني‘ جون 9 قسطون پي. ٽي. وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيون. ان کان سواءِ هن ڪيترا سولو پلي به لکيا. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سرد هوائون‘ 2000ع ۾ ڇپيو ۽ ناول ’وکريل ماڻهو‘ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، هن ناول کيس تمام گهڻي مڃتا ڏني. هو زندگيءَ جو ٻيو ناول لکي رهيو هو ته 13 جولاءِ 2009ع تي اوچتو وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.10  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ ڊراما نگار فاروق سولنگيءَ، 10 نومبر 1947ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو .



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ساقي سجاولي
رشيد آخوند
چانڊيو امير احمد ’امير‘
انعام شيخ
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
عبدالحق مولوي
عالم سجاولي پير
عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر
حضور بخش صوفي
ايوب عمراڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون